165

جيڪب آباد،رشتي جي پراڻي تڪرار تي فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت ٽي ماڻهو قتل

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ)جيڪب آباد  جي علائقي دو داپور ۾ رشتي جي پراڻي تڪرار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ماڻهو قتل ٿي ويا، تفصيل موجب جيڪب آباد جي ٿاڻي دو داپور جي حد ۾ مندراني برادري جي ٻن گروپن رشتي جي پراڻي تڪرار تي جديد هٿيارن سان هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ٻه ڀائرن حق نواز،غلام مصطفيٰ ۽ خادم مندراني قتل ٿي ويا، واٰقع کانپوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا،جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ناڪا بندي ڪري ڇڏي آهي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو جٿي ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،ايس ايس پي جيڪب آباد دو داپور جي علائقي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڏي نفري موڪليندي جيڪب آباد جي جارجي رستن تي ناڪا بندي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو