174

ڪشمور ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڀائرن۾ جھيڙو، انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ نوجوان قتل، 8 زخمي

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پ پ پ ضلعي ڪشمور جي ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ ٽائون ڪشمور جي چيئرمين اسرار احمد کوسو ۽ ان جي ڀائرن وچ ۾ پاڻي جي واري  تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي اسرار خان کوسو جي ڌر جي فائرنگ دوران سندس ڀاءُ احسان خان کوسو جو 22 سالا نوجوان پٽ جاويد احمد کوسو مٿي ۾ ڳولي لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اسرار کوسو ڌر جي زخمين ۾ منظور احمد کوسو، علي حسن کوسو، عبدالمجيد چانڊيو، آصف بروھي، ٻي طرف فوتي جو پيءُ احسان احمد کوسو به زخمي ٿي پيو ۽ سندس ٻيو پٽ جميل احمد کوسو به شديد زخمي ٻڌايو پيو وڃي پ. زخمين کي ڪشمور تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيئي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ,ڪشمور پوليس ۽ انتظاميا خاموش نظر پئي آئي ,مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد اباڻي ڳوٺ درگاھ ڀرچونڊي شريف کڻي آيا جتي  جنازھ نماز پڙھي لاش کي دفنايو ويو ياد رھي ته گذريل سالن کان وٺي ٻنھي ڀائرن وچ ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ ھيو جڏهن ته واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو