اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) واپار ۽ سيڙپڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته واپار واري وزارت ڊرا بيڪ آف لوڪل ٽيڪسز اينڊ ليويز ”ڊي ايل ٽي ايل“ اسڪيم تحت 6 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جن مان 5.6 ارب رپيا ٽيڪسٽائيل، جڏهن ته 400 ملين رپيا نان ٽيڪسٽائيل شعبي لاءِ آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته واپار واري وزارت ڊي ايل ٽي ايل اسڪيم تحت 6 ارب رپيا جاري ڪيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن قدم سان روانگي واپار ڪندڙن کي ڪيش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ هو ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي قابل ٿي ويندا.
149