108

چيف اليڪشن ڪمشنر پاران وفاقي وزير اعظم سواتي جي الزامن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر وفاقي وزير اعظم سواتي جي الزامن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش آيل واقعي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر کي آگاهه ڪيو. ان معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن ڪميشن جو خاص اجلاس سومر تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سڀني ميمبرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان ڊي جي لا کي قانوني آپشنز تي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو