اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا ۾ وڌيڪ 42 ڄڻا فوت، 2060 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 8 ڄڻن جون حياتيون ضايع، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيس جي شرح 4.58 سيڪڙو رهي، جڏهن ته فوتين جو انگ 27524 تائين پهچي چڪو آهي، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7335 ٿي وئي آهي جڏهن ته 13071 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 555 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس وگهي وڌڪ 8 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 7335 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13071 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 555 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 4.2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5952479 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 454307 ڪيس ظاهر ٿيا آهن انهن مان 93.9 سيڪڙو يعني 425620 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 809 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 20352 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 19782 گهرن ۾، 30 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 540 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 488 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن ۾ 40 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 555 نون ڪيسن مان 127 ڪراچي جا آهن جن ۾ 37 ڪورنگي، 27 ڏکڻ، 26 اوڀر، 21 ملير ، 11 سينٽرل ۽ 5 اولهه شامل آهن. حيدرآباد ۾ 92، سانگهڙ 29، بدين 27، مٽياري 26، ٽنڊوالهيار 22، ميرپورخاص 21، ڄامشورو ۽ سجاول 20-20، دادو ۽ ٺٽو 19، ٿرپارڪر ۽ سکر 18-18، عمرڪوٽ 15، نوشهروفيروز 14، ٽنڊو محمد خان ۽ جيڪب آباد 12-12، شڪارپور ۽ گهوٽڪي 10-10، لاڙڪاڻو 8، خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
109