138

ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس ڪهڙي قانون تحت وٺو ٿا؟ ڀتا خوري بند ڪئي وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس ڪهڙي قانون تحت وٺو ٿا؟ ڀتا خوري بند ڪئي وڃي، رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جڳهه جڳهه تي قائم چارڊ پارڪنگ جي حوالي سان 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جج پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي ۾ پارڪنگ فيس ڪهڙي قانون تحت ورتي وڃي ٿي، ڊي ايم سيز، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين کي وڃي ٻڌايو ته پارڪنگ فيس نالي تي شهرين کان ڀتا خوري بند ڪئي وڃي. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي چارڊ پارڪنگ جي نالي تي پئسا ورتا وڃن ٿا، عوام کان ڀتا خوري فوري طور تي بند ڪئي وڃي،  ڪهڙي قانون تحت پارڪنگ فيس وٺو ٿا،   جنهن تي ڪمشنر آفيس جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪو به قانون ناهي، روڊن جي مرمت لاءِ وٺون ٿا، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته ڪهڙن رستن جي مرمت ٿي، شهر جي روڊن جو حال ڏٺو آهي، سڀاڻي گهر ٻاهران گاڏي بيهارڻ تي به فيس نه شروع ٿي وڃي، عزت وارا ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ 20-30 رپيا ڏئي جان ڇڏائين ٿا، مخصوص جڳهه تي بورڊ ڇو نه ٿا هڻو؟، عدالت دليلن کانپوءِ سموري شهر جي ڊي ايم سيز، ڪمشنر ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، پوليس ۽ ٻين ادارن کان چارڊ پارڪنگ جي حوالي سان 29 آڪٽوبر تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو