157

ڪشمور ۾ ماستر هٿان پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي حراسان، تصويرون ڪڍي بيلڪ ميل، لاڪپ

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪلوڙ پاڙي واسڻ پنجين درجي جي شاگردياڻي  فاطمه چاچڙ کي انڊس پبلڪ اسڪول ۾ پڙھائيندڙ استاد طيب ملڪ 7 مھينن کان جنسي حراسان ڪيو فيسبڪ تي تصويرون رکڻ سميت مختلف طريقن سان نينگري کي حراسان ڪري دوستي رکڻ لاءِ اڪسايو ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر نينگري فاطمه چاچڙ ٻڌايو ته استاد طيب ملڪ جنسي حراسان ڪيو اھڙي عمل جي اسڪول انچارج مختيار احمد کي به شڪايت ڪئي جنهن دڙڪا داٻا ڏيندي چيو ته اسڪول جي ڳالھه اسڪول ۾ ختم ڪيو چئي ڪري معاملي لئه مٽي ڪري ڇڏيو، استاد بليڪ ميل ڪندي نشي آور گوريون گھر ڀاتين کي کارائڻ لاءِ ڏنيون استاد جي حراس سبب گهر وارن کي گوريون رات جي ماني ۾ کارايون ۽ جنهن بعد  والد ۽ گهر ۾ معصوم ڀائرن جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي جن کي ڪشمور جي خانگي اسپتال ۾ طبعي امداد ڏني وئي  ڪشمور پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو وارثن جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهي ون فائيو پوليس جي انچارج شاھنواز شيخ طرفان الزام هيٺ آيل استاد کان نينگري کي حراسمينٽ ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ موبائيل فون به گم ڪري ڇڏيو پوليس طرفان نينگري جي وارثن کي استاد سان پئسن عيوض ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل استاد ۽ اسڪول انتظاميا کان موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل استاد پوليس جي ڪسٽڊي ۾ ھئڻ ۽ اسڪول انتظاميا طرفان معاملي جو موقف سامهون ناهي اچي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو