اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪامياب جوان پروگرام عثمان ڊار چيو آهي ته پروگرام تحت ڪاروباري قرضن جي فراهمي جاري آهي، وفاقي حڪومت نوجوانن ۾ 21 ارب روپين کان وڌيڪ قرضن جي ورهاست جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. بينڪن طرفان اسڪروٽني ۽ رقم جي فراهمي وارو عمل به تيز ڪيو ويو آهي. تازا انگ اکر جاري ڪندي عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن ۾ ٻن هفتن ۾ وڌيڪ ٻه ارب 60 ڪروڙ روپيا ورهايا آهن. ان پروگرام ذريعي روزگار حاصل ڪندڙ نوجوانن جو انگ 33 هزار تائين پهچي ويو آهي. نوجوانن جا ذاتي ڪاروبار جي باري ۾ خواب پورا ٿي رهيا آهن. ڪراچي جي رهائشي عورت مهوش وجاهت ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي هنر کي روزگار جو ذريعو بڻايو آهي، هن بيوٽي سيلون جو ڪم سکيو پر ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ وٽس سيڙپ نه هئي. هاڻي هن جو پنهنجو ڪاروبار آهي ۽ سندس خواب ساڀيان ٿيا آهن. عثمان ڊار پارٽنر بينڪن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوانن کي نيشنل جاب مارڪيٽ ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. نوجوانن کي ڪامياب ڏسڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي.
116