112

شاهه محمود قريشي ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد افغانستان پهچي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي خميس ڏينهن ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. دوري دوران  پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ڪئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني وفد جي ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي پاڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفو واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت ڏيڻ سلسلي جون ڪڙيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو