125

رتيديري ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن جي ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات، پ پ ۾ شموليت جو اعلان

رتوديرو (رپورٽ: پهلوان جويو) رتيديري ۾ پي ٽي آءِ کي ڌچڪو ، پي ٽي آءِ جي اميدوارن جي ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ، پ پ ۾ شموليت جو اعلان : خبر موجب رتوديرو ۾ پي ٽي آءِ کي ڌچڪو اچي ويو رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي بيٺل اميدوارن ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته وارڊ هڪ جي پي ٽي آءِ اميدوار ۽ پ پ کان 30 ورهين کان پري رهندڙ سردار علي انور خان گھانگھرو، ميمبر ضلع ڪائونسل يوسي طيب قربان علي گھانگھرو، يونين ڪائونسل طيب تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين اميدوار عنايت الله گھانگھرو، هندو پنجائت رتوديرو جي اڳوڻي مکي ۽ پي ٽي آءِ جي وارڊ 6 جي اميدوار اشوڪ ڪمار، پي ٽي آءِ جي وارڊ 10 جي اميدوار شاهد علي جروار ، علي اصغر نوناري ۽ ٻين تحريڪ انصاف کي الوداع چئي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايم پي اي فريال ٽالپر پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙن کي مبارڪون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري سينيئر نائب صدر سردار علي نواز خان جلباڻي تعلقي رتوديرو جو صدر لالا نظر محمد پٺاڻ، زاهد حسين جلباڻي،  پ پ سٽي رتوديرو جو صدر ممتاز علي عارباڻي ، سيد مهدي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو