مون کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ملي ڪنهن کي نه: عمران خان جو ناراض ڪارڪنن کي جواب
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ٽڪيٽ نه ملڻ تي دانهيندڙ ڪارڪنن کي چيو آهي مون کي ناهي خبر ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ملي ڪنهن کي نه، زباني طور ڪيئن ٿو فيصلو ڪري سگهان؟ اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا ريفرنس ڪيس ۾ وڌيڪ 5 شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ورتا. عدالت وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ توشا خانا ريفرنس جي اوپن ٽرائل ٻڌڻي هئي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن به اتي پهچي ويا، هنن ٽڪيٽن جي غير منصفاڻي ورڇ تي عمران خان سامهون شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. عمران خان چيو ته مون کي ٽڪيٽن بابت مشاورت جي اجازت نه ڏني وئي، مون کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ٽڪيٽ ملي ڪنهن کي نه، ساڍا 8 سئو ٽڪيٽن بابت زباني طور ڪيئن ٿو فيصلو ڪري سگهان؟ |