116

اتروزيرستان ۾ مقابلو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 7 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار هٿ

وانا (م ڊ) اتروزيرستان ۾ مقابلو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد، 7 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار هٿ، رپورٽ موجب اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪلي ۾ سيڪيورٽي فورسز  جي آپريشن دوران دهشتگردن ۽ اهلڪارن جي وچ ۾ ڳرن هٿيارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو  پارا چنار واسي صوبيدار منير ۽ ڊيرا اسماعيل خان واسي حوالدار بابو خان شهيد ٿي ويا، هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب مقابلي دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا،جن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو