621

دستاويز رد ٿيڻ خلاف مونس الاهي جي درخواست رد، قيصره الاهي کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت

دستاويز رد ٿيڻ خلاف مونس الاهي جي درخواست رد، قيصره الاهي کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت

لاهور هاءِ ڪورٽ مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ عدالت مونس الاهي جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.


لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ آر او ۽ اپيليٽ ٽربيونل جا ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو، جڏهن ته عدالت پرويز الاهي جي گهرواري قيصره الاهي کي اين اي 64 ۽ پي پي 32 ٻنهي تڪن تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.



ياد رهي ته منيس الاهي اين اي 64، 69 ۽ پي پي 32، 34 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو