195

ڪورونا ويڪسين لاءِ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبا بندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لاءِ 60 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي رجسٽريشن اڳ ۾ ئي ٿي رهي هئي. هن وڌيڪ چيو ته ويڪسينيشن مارچ جي پهرين هفتي کان شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي ويڪسين لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ تي زور ڀريو ۽ چيو ته هن عمر جي سمورن شهرين کي درخواست آهي ته هو پنهنجو نالو شامل ڪرائين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو