247

سلطان ڪوٽ ۾ ارڙيءَ جو آزار: هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ٻارڙا فوت ٿي چڪا، 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي، انتظاميا تحرڪ نه ورتو

سلطان ڪوٽ (ن سوڀ) صحت کاتي جي نااهلي سبب يونين ڪائونسل سلطان ڪوٽ، همايون شريف ۽ جاڳڻ ۾ اُرڙي جي وبا ڪَرُ کڻڻ لڳي آهي. يونين ڪائونسل جاڳڻ جي ڳوٺ مزاري خان عمراڻي ۾ ارڙي وگهي هڪ ئي خاندان جا 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 7 ڄڻن جي حالت خراب آهي. صحت کاتي جي نااهلي ۽ ويڪسينٽرن پاران چڱي ريت ڪم نه ڪرڻ سبب يونين ڪائونسل جاڳڻ جي ڳوٺ مزاري خان عمراڻي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ سميت 3 ٻارڙا ارڙي وگهي فوت ٿي چڪا، جڏهن ته 7 ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ڳوٺ مزاري خان عمراڻي ۾ گذريل 15 ڏينهن دوران ارڙي وگهي 3 معصوم ٻارڙا 3 ورهين جي صفيه ۽ سندس جو 1 سال جو معصوم ڀاءُ عابد علي پٽ علي گل سميت 2 سالن جو محمد يوسف پٽ محمد امين فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ساڳي خاندان جا عائشه، محمد عثمان، جميلا، شهزادي ۽ زاهده سميت 7 ٻارڙا نازڪ حالت ۾ بستر ڀيڙا ٿيل آهن، قاتل وبا اُرڙي جو شڪار ٿيندڙ معصوم ٻارڙن جي عمر 8 مهينن کان 4 سالن جي آهي. علائقي واسين صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي علائقن ۾ ارڙي کان بچاءَ واري ويڪسين جي مهم شروع ڪرائي اسان جي ٻارڙن کي تحفظ ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو