ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن 8 مهينن کانپوءِ جمعي جي نماز جي ادائيگي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عرب سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق گڏيل عرب امارتن جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي وبا جي ڦهلاءُ باوجود 8 مهينن کانپوءِ مسجدن ۾ خاص ضابطاڪار ۽ احتياطي حڪمن تحت جمعي جي نماز جي ادائيگي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. گڏيل عرب امارتن جي اختيارين طرفان جاري ضابطه ڪار تحت مسجد جي ايراضي جي لحاظ سان 30 سيڪڙو ماڻهو ئي جمعي جي نماز ادا ڪري سگهندا ۽ اهو حڪم 4 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو. واضح رهي ته سڄي دنيا وانگر گڏيل عرب امارتن ۾ پڻ ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻئين لهر کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا پيا وڃن. گڏيل عرب امارتن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ هڪ لک 62 هزار 662 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته مجموعي فوتگين جو انگ 563 کان وڌي ويو آهي.
247