285

افغان صوبي هرات ۾ انتهاپسندن جي فائرنگ، ضلعي پوليس جو سربراهه مارجي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اولهندي صوبي هرات جي ضلعي اولهه ۾ انتها پسندن جي فائرنگ ۾ ضلعي پوليس سربراهه مارجي ويو ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي. چيني خابرو اداري مطابق صوبائي پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته سومر جي صبح جو رش ۾ طالبان انتها پسندن ضلعي اولهه جي ضلعي پوليس سربراهه محمد رفيق جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي پوليس سربراهه محمد رفيق مارجي ويو ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. طالبان ان حوالي سان هاڻي تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو. ٻئي طرف مقامي انتظاميه ٻڌايو ته هرات صوبي جي گادي واري شهر هرات سٽي ۾ فوجي گاڏي تي فائرنگ جي واقعي ۾ 4 فوجي زخمي ٿي پيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو