231

وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ ۽ پراڻا تجربا آزمائڻ وارو سوال…؟؟

ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي

پي ڊي ايم جي جلسن جو اسپيل به ختم ٿيڻ وارو آهي مخالف ڌر ڪنهن غيرآئيني طريقي سان تحريڪ انصاف ۽ وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ نه ٿي گهري، پر آئيني طريقي سان حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا تنهن باوجود به مقتدر حلقن سان ڳالهين جي لاءِ تقريرن وسيلي نياپا موڪليا پيا وڃن. پي ڊي ايم جي حڪمت عملي موجب لاهور جي جلسي کانپوءِ مخالف ڌر وٽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان استعفيٰ ڏيڻ  ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ  جو آپشن موجود آهي، سينيٽ چيئرمين جي بي اعتمادي واري رٿ جي انجام ڏسڻ کانپوءِ، ٻيهر اهو تلخ تجربو ورجائڻ لاءِ پي ڊي ايم تيار نه آهي .پي ڊي ايم استعفائن واري چال به تحريڪ انصاف جي ماضي واري سياست مان سکي آهي ، پيپلز پارٽي وفاق ۾ استعفيٰ ڏيڻ تي اتفاق ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ صوبائي حڪومت تي قائم رهڻ واري روش به تحريڪ انصاف جي استعيفائن ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومت برقرار رکڻ واري روايت تي هلي رهي آهي، جڏهن ته نواز ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي قيادت وٽ استيعفيٰ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڄ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ استعيفيٰ واري آپشن تي فيصلو ڪيو ويندو پر اعتبار جوڳن ذريعن موجب استعيفائن جي آپشن کي 13 ڊسمبر جي ٿيندڙ جلسي تائين ملتوي ڪيو ويندو، 13 ڊسمبر جي جلسي کانپوءِ يا وري 13 ڊسمبر تي حڪومت کي هڪ ڊيڊلائن ڏني ويندي ۽ پوءِ پي ڊي ايم جي جماعتن جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان شروعاتي طور تي استعيفائون گهريون وينديون، ڏٺو وڃي ته ملڪ جي موجوده حالتن کي سامهون رکندي جتي حڪومت کي مخالف ڌر سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي ها ۽ ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سخت بيانبازي کان پرهيز ڪري ملڪ ۾ ايندڙ سياسي بحران کان بچڻ گهرجي ها، اتي تحريڪ انصاف جي حڪومت به پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، سوال اهو آهي ته آخر تحريڪ انصاف جي حڪومت ايتري پراعتماد ڇو آهي؟ يقينن حڪومت کي ڪٿان ته يقين مليو آهي ته استعفائن کي آساني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، جيڪڏهن حڪومت ضمني اليڪشن کي هڪ سياسي چال تحت تمام گهڻو آسان سمجهي ٿي ۽ مخالف ڌر جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي 40 کن ميمبرن جي رابطي ۾ هجڻ جو دعويٰ ڪري ٿي. ته شايد اها دعويٰ ڪنهن حد تائين ڪجهه حلقن کان درست تسليم ڪئي پئي وڃي، ڇو ته نواز ليگ جي پنجاب اسيمبلي جا 15 کن ايم پي ايز وقت به وقت پارٽي ڊسيپلين کي ٽوڙيندي پنجاب جي وزيراعليٰ سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن، هن سال ئي انهن جي ملاقات وزيراعظم عمران خان سان به ڪرائي وئي آهي پر باضَابطه طور تي فارورڊ بلاڪ جو اعلان ناهي ٿيو.انهيءَ صورتحال ڏانهن اشارو ڪندي نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز بار بار لاهور ۾ ٿيندڙ ريلي جي دوران استعفيٰ نه ڏيندڙن جي گهرن جو گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس صلاحڪارن سخت کان سخت موقف اختيار ڪندي، مخالف ڌر جي استعيفائن تي ضمني چونڊ ڪرائڻ جو عزم ورجايو آهي، وزيراعظم عمران خان جي اڻ چونڊيل صلاحڪارن شايد کيس ضمني چونڊ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي ته مخالف ڌر کان استعفيٰ وٺي، مخالف ڌر جي ٽاپ ليڊر شپ جي استعيفيٰ يڪدم قبول ڪري بقايا ايم اين ايز تي 2002ع جيان دٻاءُ وجهي تاريخ ورجائي وڃي ۽ اقتدار جا ڏينهن پورا ڪجن. 2002ع  ۾ ليگل فريم ورڪ آرڊر متعارف ڪرائي مرحوم ميرظفرالله جمالي کي اسيمبلي مان چونڊرايو ويو. ليگل فريم ورڪ آرڊر تحت فارورڊ بلاڪ کي قانوني حيثيت ملي وئي ۽ ايم اين ايز تي پريشر رکي سندن وفاداريون مٽرايون ويون، جنهن ۾ سرفهرست مخدوم فيصل صالح حيات هو جنهن پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين مان پاڪستان پيپلزپارٽي پيٽرياٽ جي نالي سان  فارورڊ بلاڪ ٺاهيو هو، جنهن کان پوءِ ميرظفرالله جمالي 170 ووٽن بدران 188 ووٽن جي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. عمران خان به پنهنجي نظرياتي ماڻهن کي ڇڏي مختلف جماعتن مان اليڪٽبلز کنيا، انهن ۾ پرويز خٽڪ ، جهانگير ترين، فردوس عاشق اعواڻ، فواد چوڌري  ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ماڻهو هئا، جن پنهنجون پارٽيون ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، 2002ع ۾ مخدوم فيصل صالح حيات ۽ 2018ع ۾ جهانگيرترين وسيلي سياسي انجنيئرنگ ڪري حڪومتون ٺاهيون ويون آهن. مير ظفرالله جمالي جي حڪومت جيان هن حڪومت جا اقتداري ٿنڀ به اتحادين ۽ انهن اليڪٽبلز جي ڪري بيٺل آهن ۽ اهي اهڙا ماڻهو آهن، جن هر دور ۾ هر انجنيئرڊ حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هڪ مفروضي موجب حڪومت وري ساڳي تاريخ ورجائڻ وڃي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته حڪومتي حلقي جي مسلسل نااهلي جي ڪري جتي عوام ڀوڳي رهيو آهي اتي سياسي ميدان ۾ به ملڪ کي بحران طرف ڌڪيو پيو وڃي، مسلم ليگ نواز ۽ پ پ جي اهم قيادت جون استعيفائون وٺي هڪ ڀيرو انهن جماعتن ۾ وري پيپلزپارٽي پيٽرياٽ جهڙا تجربا ٻيهر ڪيا ويندا ته ملڪ سياسي طور تي به وري ضياءُ الحق واري دور جي ورجاءَ ڏانهن ويندو، مشرف پنهنجي اقتدار دوران مڪو ڏيکاري ڪراچي ۾ ٿيندڙ خونريزي تي پنهنجي طاقت جي نشي جو اظهار ڪيو هو، هن کي اهو احساس نه هو ته اقتدار جا ڏينهن ٿورا هوندا آهن.اڄ وزيراعظم عمران خان به مخالف ڌر سان سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري ملڪ جي اهم جماعتن کي ٽيبل تي آڻڻ بدران جيل ڀرڻ ۽ ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. پهرئين ته وزيراعظم کي اهو محسوس ڪرڻو پوندو ته هن وقت اوهان پي ٽي آءِ نه پر پوري ملڪ جا وزيراعظم آهيو، جيڪڏهن ملڪ جي عوام اوهان کي ٻه ڪروڙ ووٽ ڏنا آهن ته مخالف ڌر جو به ووٽ آهي، اهي به عوامي طاقت جي وسيلي ايوانن تائين پهتا آهن. حڪومت جيڪڏهن انهن جماعتن مان لٺ وسيلي فارورڊ بلاڪ ٺاهيندي ته حڪومت وٽ به اهي اليڪٽيبلز موجود آهن جيڪي اقتدار کي فوقيت ڏيندا آهن انهن جي نظريو ۽ پارٽي ڪا معنيٰ نه رکندا آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر کي اشارو ملي ويو ته اهي سڀ اليڪٽبلز حڪومت جي خلاف چارج شيٽ بڻجي ،مخدوم صالح حيات جيان اعترافي بيان ڏيندا ته انهن جي اڳيان وزارت ۽ جيل جي چوائس رکي ويئي هئي، جنهن تي هن جيل کان وزارت کي ترجيع ڏني. هاڻي ڏسجي ته ڪٿي وزارت يا جيل وارو فارمولو هڪ دفعو ٻيهر ورجايو وڃي ٿو يا نه؟جيڪڏهن ڪا اهڙي مهم جوئي ڪئي وئي ته اها ملڪ، جمهوريت، اخلاقيات، آئين ۽ قانون جي وڏي بدقسمتي ليکي ويندي، نه صرف ايترو پر اهو عوام جي حقن مٿان وڏو حملو هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو