ايڊيٽوريل
انسانن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جا داستان ڪا نئين ڳالهه ڪونهن اهي روز جي ڪهاڻي آهن پر ڪجهه اهڙا واقعا به جنم وٺن ٿا جيڪي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي وجهن ٿا، اهڙو ئي هڪ واقعو قديم تهذيب جي وارث شهر لاڙڪاڻي ۾ پڻ پيش آيو آهي، جنهن سڄي سنڌ جي روح کي رنجائي وڌو آهي، الله آباد ٿاڻي جي حد الهه آباد پاڙي ۾ هڪ ڏاڍي ماڻهو طرفان 22 سالن جي نوجوان رستم پٽ امير بخش کي مبينا طور اوطاق مان گل پٽڻ تي پڪڙي ڪپڙن کان آجو ڪري مينهن جي واڙي ۾ باندي بڻائڻ کان پوءِ نه فقط بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي پر ان ظالماڻي ڪارروائي جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ ڪئي وئي آهي ته جيئن دنيا آڏو پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جو ثبوت پيش ڪري پنهنجو ڏهڪاءُ پيدا ڪري سگهي، پر کيس اها خبر نه هئي ته دور هاڻي مٽجي چڪو آهي ۽ اها ڪارروائي کيس نفرت انگيز به بڻائي سگهي ٿي. اهڙي رڪارڊ ٿيل ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سڄي سماج ۾ ڪاوڙ جي لهر ڦهلجي اٿي ۽ ماڻهن ان جي مذمت ڪرڻ پڻ شروع ڪئي، عوامي غصي ۾ اضافي سبب ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش پڻ نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن فرمان ابڙو ۽ سندس ملازم جاويد کوکر کي گرفتار ڪري الهه آباد ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان جي پيءُ امير بخش ڪانڌڙو جي فرياد تي حد جي الهه آباد ٿاڻي تي گناهه نمبر 2020/89 قلم 292/A، 328/A، 292/B، 37F1، 506/2 34/2 تحت چئن جوابدارن فرمان ابڙو سندس پٽ مزمل، جاويد کوکر ۽ علي ڏنو کوکر مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، پوليس گرفتار ٻن جوابدار فرمان ابڙو ۽ سندس ملازم جاويد کوکر کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، متاثر نوجوان رستم ڪانڌڙو جي پيءُ اميربخش ڪانڌڙو جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ مينهن جي واڙي تي پورهيو ڪندو آهي ۽ پاڙي ۾ ئي فرمان ابڙو نالي بااثر جي اوطاق آهي ۽ منهنجي پٽ مٿان گل پٽڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي کيس کنڀي ان پنهنجي اوطاق ۾ کيس ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ۽ تذليل ڪندي ويهڻ واري جڳھه تي ڪاٺيون ٽپائي ظلم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان ان وقت رت جا ڳوڙها روئي رهياسين اسان جو کانسواءِ ٻيو ڪو به سهارو ناهي، اسان سان ظلم ٿيو آهي، ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪنداسين.
بااثر ۽ طاقتور ماڻهن طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ غريب پورهيتن ۽ هارين سان ظلم ۽ زيادتين جا اهڙا واقعا بار بار ورجايا وڃن ٿا ۽ اهي وڏيرڪي سماج جو هڪ عڪس آهن، جيئن ته طاقتور ۽ وڏيرڪو ڪلچر هلائيندڙ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، تنهن ڪري علائقن ۾ پنهنجي دهشت ويهارڻ لاءِ اهڙا انسانيت سوز حربا هلائين ٿا، پر اها سٺي ڳالهه آهي ته وقت وڌڻ سان گڏ قانون جو ڦندو به سندن ويجهو اچي پهتو آهي ۽ جتي به اهڙو واقعو ٿئي ٿو اتي عوام جي دٻاءُ سبب قانون حرڪت ۾ اچي کين سوگهو ڪري ٿو، هن واقعي جا جوابدار به عوامي دٻاءُ سبب سوگها ٿيا آهن ۽ جيڪا سندن بيٺلائپ ۽ عزت، انا توڙي غرور هو اهو سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي، هڪ غريب پورهيت سان ظلم ۽ زيادتي سبب اڄ هو لاڪ اپ جي سلاخن پويان بيٺل آهن ۽ اهو انهن سڀني ماڻهن لاءِ پيغام آهي جيڪي دهشت جو وڏيرڪو نظام هلائڻ چاهين ٿا، ان کان وڏي ٻي ڳالهه ٿي نٿي سگهي ته غريب زيادتي ڪندڙن جو پنهنجو پٽڪو به ڌوڙ ٿي چڪو آهي، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ائين قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندڙن ۽ پنهنجون ئي عدالتون لڳائيندڙن جو پوليس ۽ عدليا طرفان گهيراءُ ڪيو ويندو ته ڪنهن کي به ائين ڪنهن غريب سان انياءَ ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي. اميد آهي ته هن ڪيس ۾ جوابدارن سان ڪا به رعايت نه ٿيندي ته جيئن اهي عبرت جو مقام بڻجي سگهن. جيڪو ڪجهه هنن ڪيوآهي ان جي سزا به کين ڀوڳڻ گهرجي.