291

ڊسمبر ۽ وڇڙي ويلن جي ياد…!

ليکڪ: سيف ٻگهيو 

دنيا جي گولي تي نظر وجهڻ ۽ تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسلامي تاريخ جو پهريون مهينو ۽ عيسوي سال جو آخري مهينو سدائين ڳورا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اسلامي تاريخ ۾ محرم سال جو پهريون مهينو آهي جنهن ۾ يزيد حضرت امام حسين عليه السلام سان ميدان ڪربلا ۾ جنگ جوٽي، سندس خاندان ۽ جانثارن کي شهيد ڪيو، خيمن کي باهيون ڏنيون ۽ امامن کي قيدي بڻايو، ان محرم پاڪ کي مسلمان ظلم ۽ بربريت جو مهينو چوندا آهن، اهڙي نموني سال جي پڇاڙڪي واري عيسوي سال جي ڊسمبر مهيني به اسان سنڌي ماڻهن کي هميشه گهرا گهاءَ ڏنا آهن، هن مهيني ۾ اسان جا ڪيترائي ڪونڌر شهيد ڪيا ويا ۽ ڪن جو جيڪڏهن فطري موت به ٿيو ته ادارن جي ناڪاره پاليسي سبب ٿيو آهي، اسان هتي صرف ڊسمبر مهيني جي تاريخن جا ورق اٿلائينداسين ته رڳو درد ئي درد ملندا، سائين جي ايم سيد جي بهادر نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جو وڇوڙو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت، ناميارن شاعرن شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ بادل ٻگهيو جي اچانڪ جدائي قومي ڪارڪنن فهيم ڀٽو ۽ سرويچ پيرزادو جي شهادت، البيلي راڳي سرمد سنڌي جو المناڪ موت، ڪامريڊ سوڀو گيانچانداڻي جو ديهانت، مزدورن جو هڏ ڏوکي مخدوم رشيد جو ڪملهو موت، نامياري شاعره پروين شاڪر، انقلابي شاعر فيض احمد فيض، فنڪاره نورجهان جي هميشه لاءِ موڪلاڻي، طالبانن هٿان پشاور ۾ معصوم ٻارڙن جون آهون ۽ دانهون ۽ ٿر ۾ سوين معصوم ٻارڙن ۽ ماڻهن جو بک ۽ بيماري وگهي موت، ڏاڍا دل ڏکائيندڙ واقعا آهن، اچو ته انهن سڀني واقعن جا پيرا کڻون ته سندن موت ڪيئن ٿيو؟

ڊاڪٽر درشهوار سيد :ڊاڪٽر درشهوار سيد سائين جي ايم سيد جي نياڻي آهي، جنهن ڏيساور مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي، هونءَ ته سندس وڇوڙو فطري آهي، پر بيماري دوران کيس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏيڻ هڪ ڏکوئيندڙ عمل هو.

محترمه بينظير ڀٽو شهيد: محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي آهي. کيس راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ڪامياب جلسي کانپوءِ واپسي تي رات جي رهزنن گوليون هڻي شهيد ڪيو ۽ سنڌ سميت سڄي دنيا اڄ به سندس ان حادثاتي موت تي اشڪبار آهي.

سرمد سنڌي: سرمد سنڌي پنهنجي قومي انقلابي گيتن وسيلي سنڌي قوم کي شعور ڏنو ۽ ڦوهه جواني ۾ هيءُ ٻيجل جو ٻيو جنم اسان کان وڇڙي ويو. سندس موت هڪ روڊ حادثي ۾ ٿيو.

شيخ اياز: ڌرتي جو اهو قومي انقلابي شاعر جنهن ون يونٽ کان وٺي پنهنجي آخري دم تائين قومي شعور لاءِ شاعري سرجي ڊسمبر اسان کان شيخ اياز کي به سدائين لاءِ جدا ڪري ڇڏيو.

تاجل بيوس: ڌرتي جو اهو وڏو شاعر هو جنهن سنڌ  جي ماروئڙن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ڌرتي لاءِ وقف ڪئي هوءَ ته سندس موت فطري آهي.

ڪامريڊ سوڀو گياچنداڻي: هيءَ اهو عظيم انسان آهي جنهن ورهاڱي وقت پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ آخري دم تائين سنڌ سان محبت ڪندو رهيو، کيس ڪيترائي ڀيرا ملڪ کان ٻاهر ڀارت وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو پر هن مانجهي مرد پنهنجي سنڌ ڌرتي سان محبت جي اظهار ۾ سنڌ ۾ پنهنجا پويان پساهه پورا ٿيڻ کي ترجيح ڏني.

پروين شاڪر: پروين شاڪر پيار ۽ خوشبو جي اها شاعره هئي جنهن پنهنجي جواني ۾ پنهنجي خوشحال گهراڻي جو خوشيون ٺڪرائي ڏکن جي راهه ورتي ڊسمبر ملڪ واسين کان خوشبوءِ جي شاعره کسي ورتي.

مخدوم رشيد احمد: مخدوم رشيد احمد پورهيتن جي حقن لاءِ سرمائيدارن سان مهاڏو اٽڪايو هونءَ ته وطن دوست انقلابي پارٽي سان لاڳاپيل هو پر خاص ڪري النور شگر مل شاهپورجهانيان جي پورهيتن جي لاءِ پنهنجي زندگي جا ڏينهن وقف ڪيائين ۽ پورهيت يونين جو بنياد وڌائين، پورهيت دوست اڳواڻ به ڊسمبر ۾ اسان کان جدا ٿيو.

ترنم نورجهان: ترنم نورجهان هڪ سادي ۽ سٻاجهڙي فنڪاره جنهن پيار ۽ انقلاب جا گيت ڳائي پنهنجو فرض نڀايو، ان جو موت به ڊسمبر ۾ ٿيو.

فيض احمد فيض: فيض احمد فيض دنيا جو اهو انقلابي شاعر هو جنهن پوري دنيا جي مظلوم انسانن جي لاءِ شاعري وسيلي آزادي جو پيغام ڏنو ۽ ظالمن کي للڪاريو، ڊسمبر ملڪ واسين کان عظيم انقلابي جدا ڪيو.

پشاور سانحو: 6 سال اڳ آرمي پبلڪ اسڪول شڪارپور تي دهشتگردن جي حملي ۾ گلن جهڙا معصوم ٻارڙا شهيد ٿيا، جن جو درد قوم اڃا تائين وساري ناهي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو