112

ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ ملازم ئي آفيس ۾ داخل ٿي سگهن ٿا، گوگل ۽ فيس بڪ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي سڀني کان وڏين ٽيڪنالوجي ڪمپنين گوگل ۽ فيس بڪ جو چوڻ آهي ته انهن ڪمپنين جي آمريڪا ۾ موجود ملازمن کي آفيس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪووڊ ويڪسين لڳرائڻي پوندي. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق ڪورونا وائرس جي انتهائي خطرناڪ قسم ڊيلٽا جي ڦهلاءُ کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن گوگل ۽ فيس بڪ ويڪسين مڪمل نه ڪرائيندڙ ملازمن کي آفيس اچڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي. ايندڙ مهينن دوران گوگل پنهنجي ويڪسي نيشن مهم کي ٻين ملڪن تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو