ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اميتاڀ بچن جي بنگلي سميت ممبئي جي ٽن هنڌن تي بم جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق ممبئي پوليس کي ٽن مختلف هنڌن تان ڪالون ڪري ٻڌايو ويو ته اميتاڀ بچن ۽ ممبئي جي ريلوي اسٽيشن تي بم نصب ٿيل آهن، پوليس بم جي ڳولا ۾ ڪيترائي ڪلاڪ آپريشن ڪيو.
