سجاول (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ضلعي سجاول پاران وفاقي حڪومت خلاف گذريل ڏينھن پيپلز پارٽي صوبي سنڌ جي صدر نثار احمد کھوڙو جي اڳواڻي ۾ پي پي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پبلڪ پارڪ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي صوبي سنڌ جي صدر نثار کھوڙو، پي پي ضلعي سجاول جي صدر ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي اي هير سوهو، ارباب ڪامران وزير ميمڻ، دانش خان ملڪاڻي، ارباب رميز ميمڻ، ڊاڪٽر عثمان سرويچ، نجيب سانگي، شھمير گبول، شفيع لغاري، زاھد کڏو، فردوس عزيز مير بحر، ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪري وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين خلاف شديد نعري بازي ڪئي. احتجاجي ريلي پبلڪ پارڪ اڳيان ھڪ وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي. جتي مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نيازي حڪومت سنڌ سان وڏيون ناانصافيون ڪري رهي آهي، پاڻي انسان جو جياپو آهي پر وفاق مٿان کان سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ جي آبادگارن، غريب ھارين ۽ مزدورن ۽ چوپايو مال پاليندڙ مالوند ماڻهن جو وڏو نقصان ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي معشيت کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. هنن چيو تہ عمران نيازي حڪومت کان اڳ ملڪ جي عوام کي سونا خواب ڏيکاريا هئا ۽ اقتدار ماڻڻ بعد ملڪ جي عوام لاء آزار بڻجي ويو آهي. هن هڪ لک نوڪريون ۽ گهر ته نه ڏنا پر الٽو جيڪي روزگار سان لڳل ھئا انهن کان به روزگار کسي بيروزگار ڪيو ويو آهي ۽ ھن انڪروچمينٽ جي آڙ ۾ هزارين خاندانن کي بي گهر ڪيو. هنن چيو ته ملڪ کي وڌ کان وڌ گئس فراهم ڪندڙ صوبي سنڌ کي گئس کان محروم ڪيو پيو وڃي، پوري سنڌ ۾ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪري سنڌ جي عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ هر روز مهنگائي جا بم ڪرائي ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال بنايو ويو آھي. هنن چيو ته ملڪ جو عوام هاڻي نيازي جي نااهلي ۽ عوام دشمن حڪومت مان بيزار ٿي ويو آهي، هاڻي هن حڪومت کان ڇوٽڪارو ملڻ تائيڻ ماٺ ڪري نه ويهنداسين ۽ تمام جلد هن عوام آزار حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪنداسين.
180