ليکڪ: نور سنڌي
شهيدن جي وارث بيگم نصرت ڀٽو سان پهرين ملاقات سندس پياري پٽ شاهنواز ڀٽو جي شهادت تي المرتضى هائوس لاڙڪاڻو تي تعزيت ڪرڻ وقت ٿي، پاڻ انتهائي ڏکويل هئي. پنهنجي ور جي شهادت بعد سندس پٽ جي شهادت سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو، ساڻس ٻي ملاقات بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾ مخدوم جميل الزمان جي شادي جي مختصر تقريب ۾ ٿي، جنهن ۾ هن شرڪت ڪري مخدوم طالب المولى ۽ مخدوم خاندان جي ٻين فردن کي مبارڪباد ڏني، ساڻس ٽي ملاقات مخدوم طالب المولى جي وصال تي مخدوم هائوس هالا ۾ ٿي پاڻ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ تعزيت لاءِ آئي هئي. ان موقعي تي سندس نيڻ ان وقت آلا ٿي ويا، جڏهن محترمه بينظير پنهنجي والد جو ذڪر ڪيو ۽ اهو چيو ته والد جي شهادت بعد مخدوم طالب المولى نه صرف پارٽي کي قائم رکڻ ۽ سرگرم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مون کي والد جهڙو پيار ڏنو. بيگم نصرت ڀٽو رحم دل، سخي، ٻاجهاري ذهين ۽ پاڪستان جي پهرين خاتون هئي، جنهن ڀٽو صاحب جي دور ۾ خاتون اول جو لقب ماڻيو. پاڻ ور ۽ بعد ۾ ٻن جوان پٽن جا لاش کنيا، سندس جيءُ جهري پيو هو. پر پاڻ همٿ نه هاري، جنرل ضياءُ جي آمريت واري دور ۾ نه صرف پارٽي جي قيادت سنڀالي پر آمريت خلاف جدوجهد ڪئي ۽ عوام ۾ وڏو اتساهه پيدا ڪيو. ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، نصرت ڀٽو جو والد مرزا محمد عراق جي شهر شاهه نجف ۾ ڄائو هو، جيڪو واپاري هو. ۽ پاڻ ڪاروبار سانگي اصفهان جي تاريخي ثقافتي سونهن جي پيٽي نظر هن شهر کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽج قرار ڏنو، هن شهر کي نصف جهان به سڏيو ويو اتي اچي رهيو، جتي نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جڏهن هندستان گهمڻ ويو ته بمبئي شهر سندس دل کي وڻي ويو ۽ پاڻ اصفهان مان لڏي اتي اچي رهيو، جتي صابڻ جو ڪارخانو لڳايو، بيگم نصرت ڀٽو ابتدائي تعليم کان وٺي سينيئر ڪيمبرج پاس اتي ڪئي ۽ ان ڪاليج مان نصرت ڀٽو فوجي ٽريننگ به حاصل ڪئي، نصرت جڏهن پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئي ۾ مشهور تفريح گاهه کنڊالا ۽ لوڻا گهمڻ وئي ته اتي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ منور الاسلام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو خاندان ان تفريحي مقام تي گهمڻ آيو، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي به مبمئي ۾ رهندي هئي ان تفريح واري مقام تي منور جي نصرت ۽ فخري بيگم سان ملاقات ٿي ۽ هن کين ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي جا گهر ڀاتي آهن، هنن ٽنهي جي اها ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي. هي ٽئي پاڻ ۾ ساهيڙيون بڻجي ويون. ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي کان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي ٿي ۽ هن پنهنجي ٻنهي ساهيڙين کي پنهنجي وليمي جي دعوت ڏني، نصرت جي ذوالفقار علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن نصرت وليمي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ پنهنجي لاڪر ۾ رکيل سونا زيور کڻڻ آئي، ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي والده خورشيد سان گڏ ان بئنڪ ۾ آيو، جتي هنن جي ملاقات ٿي ۽ خورشيد نصرت کي ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ زلفي آهي، ان ملاقات بعد هنن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ذلفي کيس شادي لاءِ راضي ڪري ورتو. سيپٽمبر 1951ع ۾ هنن جي شادي ٿي ۽ پاڻ مثالي جيون ساٿي وارو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وڪالت ۽ پوءِ سياست شروع ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو سندس ٻانهه ٻيلي بڻيل هئي. ڀٽو جي صدر ايوب سان بغاوت ڪرڻ ڪري کيس نظر بند ڪرڻ کان وٺي احتجاجي تحريڪ هلائڻ تائين پ پ جي قيام کان وٺي اقتدار تائين بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ور جي باقاعده مددگار رهي. حڪومت دوران پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي باقاعده صلاحڪار وارو ڪردار ادا ڪيو. کيس خاتون اول جو لقب ڏنو ويو. پاڻ عورتن جي حقن، سندن بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ عوام جي خدمت جي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پاڻ ڀٽو صاحب سان غير ملڪي دورن ۾ پاڪستان جي وفدن جي نمائندگي ڪئي جڏهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ته بيگم نصرت ڀٽو هئي جنهن همٿ حوصلي سان پارٽي جي قيادت سنڀالي ۽ جنرل ضياءُ جي مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي، احتجاجي مظاهرا ڪيا، ۽ قذافي اسٽيڊيم ۾ احتجاج دوران لٺيون جهليون ۽ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي پر همٿ حوصلو نه هاريو، 3 اپريل 1979ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي جيل اندر ذوالفقار علي ڀٽو سان آخري ملاقات ڪرائي وئي جيڪا 3 ڪلاڪ جاري رهي، انهي ڏينهن جنرل ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ڏيڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي ۽ 4 اپريل 79ع تي سج اڀرڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو کي دارجي تختي تي چاڙهيو ويو. انهي ڏينهن ڀٽو جو جسد خاڪي لاڙڪاڻو اماڻيو ويو. جتي ڏهين وڳي سخت پهري ۾ جنازي نماز پڙهائي وئي، جنهن ۾ صرف ڪجهه ويجهن ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي خصوصي جهاز ذريعي اباڻي ڳوٺ آڻي آخري ديدار لاءِ آندو ويو پر ان کان اڳ زلفي کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو ۽ پنهنجي ور جو آخري ديدار به کيس نصيب نه ٿيو. اهو سلسلو اتي ختم نه ٿيو پر بعد ۾ ان سازش جي ٻئي مرحلي ۾ 85ع ۾ شاهنواز ڀٽو، 96ع ۾ مير مرتضي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ هن خاندان ۾ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ئي جنازا کڻڻ لاءِ هيون، پاڻ 4 ڀيرا قومي اسيمبلي جي ميمبر رهي، پاڻ عوام مان ڪڏهن به خفا نه ٿي. آخري وقت ۾ سندس ياداشت ختم ٿي وئي. جڏهن قذافي اسٽيڊيم ۾ سندس مٿي تي لٺيون لڳڻ ڪري گهرا گهاءُ ٿيا جن کيس ڪينسر جهڙو موضي مرض ڏئي ڇڏيو. کيس دبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 15 سال موت سان جهڙيندي نيٺ 23 آڪٽوبر 2011ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيدن جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، سندس لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته گهر ۾ نوڪرن جي فوج هئڻ باوجود هن پنهنجي اولاد کي پاڻ نپايو. پورو ڌيان ڏيندي هئي. جڏهن پاڻ وصال ڪيو ته پ پ ورڪرن روئي چيو ته جهڙوڪ سندن امڙ گذاري وئي.اڄ سندس يارهين ورسي ملھائي پئي وڃي.