210

ميان صاحب ۾ ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان عيد تي فائرنگ، نينگر ۽ نوجوان مارجي ويا

ميان صاحب (رپورٽ: جاويد رائو) ميان صاحب ۾ ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان عيد تي فائرنگ، نينگر ۽ نوجوان مارجي ويا، ان سلسلي ۾ ڳوٺ اوٺي پير ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 13 ورهين جي اسماعيل پٽ علي گل ۽ 22 ورهين جي الياس پٽ لکمير ڪلر کي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن ميان صاحب ٿاڻي ۾ موبائل نه هجڻ سبب مقتولن جا لاش 2 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، بعد ۾ پوليس ايمبولينس گهرائي لاش سلطان ڪوٽ اسپتال نيا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، 2 لاش گهر آڻڻ تي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، مقتولن جي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، واضح رهي ته ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي، هوڏانهن ميان صاحب ٿاڻي تي مقتولن جي چاچي محمد گل ڪلر جي فرياد تي نياز احمد پٽ رتو، نثار احمد، بدر، عاجز ۽ ڪوڙل ڪلر سميت 13 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين گرفتاري نه ٿي هئي. هوڏانهن پوليس قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي مائٽن عبدالوهاب ۽ ڏاڏو ڪلر جي گهرن تي چڙهائي ڪري 2 ڄڻا گرفتار ڪرڻ بعد ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن ،رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن، عيوضي ۾ 2 ڄڻا گرفتار ڪري مال ڍڪ حوالي ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو