179

اسان امن لاءِ ڪم ڪريون پيا، سمورين دشمن قوتن کي ناڪام ڪنداسين:آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ جي ملاقات ٿي، آرمي چيف داسو بس واقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام خاص ڪري سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ داسو ۾ ٿيل واقعي تي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج چين سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو گهڻو قدر ڪري ٿي. آرمي چيف پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي مڪمل سپورٽ، سهڪار ۽ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي آرمي چيف  چيو ته اسان امن جي لاءِ ڪم پيا ڪريون، اسان کي پنهنجي عزم کي چئلينج ڪندڙ سمورين دشمن قوتن جي ارادن کي ناڪام ڪنداسين ۽ خاص ڪري پاڪ چين اسٽريٽيجڪ ڀائيواري کي ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستحڪم رهڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو