188

اليڪشن ڪميشن اين اي 249 جا چونڊ نتيجا روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪراچيءَ جي  اين اي 249 تي ٻه ڏينهن اڳ ٿينل ننڍي چونڊ نتيجا روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ)ن) جي اڳواڻ  ۽ اين اي 249 جي اميدوار مفتاح اسماعيل پ تڪ ۾ ٿينل چونڊن  جي جاري ٿيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن تي اعتراض ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست  ڏني. اليڪشن ڪميشن جي ٻن ڄڻن واري ڪميشن معاملي کي مداخلت جوڳو قرار ڏئي مفتاح اسماعيل  جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪري ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي ٻڌڻي 4 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي آهي  ۽ ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن اين اي 249 جي چونڊ جا نتيجا روڪڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 249 ۾ ٿيل چونڊ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي فيصلو ٿيڻ کان پوءِ تڪ جا نتيجا جاري ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو