147

خليل الرحمان جي زال چئي ڪم ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو: ايشل فياض

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نوجوان اداڪارا ايشل فياض چيو آهي ته خليل الرحمان جي زال چئي ڪم ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو. اهڙو انڪشاف ايشل فياض ندا ياسر جي شو ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اهڙين افواهن سبب ڪيريئر ۽ ذاتي زندگي تي فرق پيو، ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس. هن چيو ته پروڊيوسر ڪم ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪندا هئا ته تون خليل الرحمان جي گهرواري آهين. هن وڌيڪ چيو ته اهڙين افواهن باوجود خليل الرحمان ۽ منهنجن تعلقات ۾ ڪوبه فرق ناهي پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو