163

ريلوي واري وفاقي وزير ملازمن جو اوور ٽائيم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي ملازمن جو اوور ٽائيم بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پشاور ڪينٽ اسٽيشن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي جو چوڻ هو ته 50 سال خساري ۾ هلندڙ ريلوي کي منافعي بخش ادارو بڻائينداسين، پر ريلوي جي زمين وڪرو نه ڪنداسين. هن چيو ته قبضا مافيا ريلوي آفيسرن ۽ پوليس ذريعي قبضو ڪندي پئي اچي، هاڻي ريلوي ۾ قبضا مافيا کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ريلوي کاتي ۾ اوور ٽائيم لاءِ آفيسرن کي رشوت ڏني وڃي ٿي، ملازم 70 ڪروڙ اوور ٽائيم وٺي رهيا آهن، ريلوي ۾ هاڻي ڪنهن کي به اوور ٽائيم نه ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو