201

سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ سياسي اتفاق راءِ ڇو پيدا نه پئي ڪئي وڃي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ايڊووڪيٽ جنرلن ۽ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا پارٽي چاهي ته پنهنجي اعتراض جمع ڪرائي سگهي ٿي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل پاڪستان چيو ته ريفرنس ۾ سينيٽ چونڊ ڳجهي راءِ شماري سان نه ڪرڻ جو قانوني سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا آرٽيڪل 226 جو اطلاق رڳو آئين تحت ٿيندڙ اليڪشن تي لاڳو هوندو آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان چاهيو ٿا ته عدالت آئين ۽ قانون تحت ٿيندڙ چونڊ ۾ فرق واضح ڪري؟ چيف جسٽس چيو ته چئني ايڊووڪيٽ جنرلن ۽ اليڪشن ڪميشن جي جواب جو جائزو وٺنداسين، چئني صوبائي حڪومتن ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون.  جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا قومي اسيمبلي جي چونڊ آئين تحت ناهي ٿيندي؟ اٽارني جنرل چيو ته عام چونڊون اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت ٿيون آهن آئين تحت نه. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آئين ۾ سينيٽ ۽ اسيمبلي جي چونڊ جو ذڪر آهي، چونڊ ڪيئن ٿيڻي آهي اها ڳالهه اليڪشن ايڪٽ ۾ داخل ٿيندي، مقامي حڪومتن جي چونڊ جو ذڪر آئين ۾ ناهي، اليڪشن ايڪٽ به آئين تحت کي ٺهيو آهي، ايڪٽ آئين تي غالب نه ٿو ٿي سگهي، ڇا ڪو قانون آئين کان مٿانهون آهي؟ جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ هن تڪرار ۾ مداخلت ڇو ڪري؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ سياسي پارٽين ووٽن جي وڪري ۽ خريد روڪڻ تي اتفاق ڪيو هو، توهان ان معاملي تي سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ قومي اتفاق راءِ ڇو پيدا نه ٿا ڪريو؟ اٽارني جنرل چيو ته حڪومت ان بابت هڪ آئيني ترميم وارو بل پيش ڪري ڇڏيو آهي، هي سياسي مسئلو ناهي، قانوني اشو تي عدالتي راءِ طلب ڪئي آهي. عدالت نوٽيس جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڌريون پنهنجا اعتراض لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائين، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 11 جنوري تي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو