226

سکر هاءِ ڪورٽ وڏي وزير ۽ ڪابينا جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ وڏي وزير سميت سموري ڪابينا جي پگهار روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مارڪيٽ ڪاميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ سهيل کوسو پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته معزز عدالت جي بار بار حڪمن باوجود رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه پئي ڏني وڃي، جڏهن ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملندي، ان وقت تائين وڏي وزير، ڪابينا، چيف سيڪريٽري، زراعت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري جي پگهار پڻ بند هوندي. عدالت ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪندي رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 11 مئي تائين پينشن نه ڏني وئي ته ڪيس گورنر ڏانهن موڪليو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو