147

وفاقي وزير علي زيدي جو به وزير اعظم عمران خان کي خط، معاملي جي وضاحت پيش

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي لکيل خط کان پوءِ وفاقي وزير علي زيدي به وزير اعظم عمران خان کي ان ئي معاملي ۾ پنهنجو وضاحتي خط لکيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته وڏي وزير جو خط هن جي غلط رويي جي نشاندهي ڪري ٿو. وفاقي وزير علي زيدي 16 جنوري تي ٿيل اجلاس مان واڪ آئوٽ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کان واٽر بورڊ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اختيار ضلع سطح تي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيم، ڇو ته شهري سهولتن جي ادارن جي منتقلي جو واعدو وڏي وزير پاڻ ڪيترائي مهينا اڳ ڪيو هو، پر مراد علي شاهه منهنجي ان مطالبي تي مون کي ٽي ڀيرا جواب ڏنو ته آئون توهان وٽ جوابده نه آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو