222

مفتي منيب الرحمان پاران لاهور واقعي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مفتي منيب الرحمان اڄ سڄي ملڪ ۾شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ ٻين عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته عوام کي اپيل آهي ته لاهور واقعي خلاف ڪاروبار بند ڪيو وڃي ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وڃي، هوڏانهن جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته متحده مجلس عمل جي پليٽ فارم تان واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، اسان ان معاملي ۾مفتي منيب الرحمان سان گڏ آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو