149

ڪراچي ۾ زال جي قتل ڪيس ۾ مڙس کي موت جي سزا جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ڪورٽ ڏکڻ گهرواري جي قتل ۾ ملوث مڙس کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، پوليس موجب جوابدار 2019 ۾ پنهنجي 55 ورهين جي گهرواري سڪينه کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ واقعي جو ڪيس مقتولا جي ڀاءَ جي فرياد تي بلوچ ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جوابدار عبدالجبار کي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ وڌيڪ 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدار تي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو، جيڪو مقتولا جي وارثن کي ادا ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو