37

ٺڳن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو انهن کي ٻيهر اچڻ نه ڏبو، ٻن ڏينهن کان پوءِ خوشحالي جو سج اڀرندو: نواز شريف

ٺڳن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو انهن کي ٻيهر اچڻ نه ڏبو، ٻن ڏينهن کان پوءِ خوشحالي جو سج اڀرندو: نواز شريف

اسان ڪيترائي ڌڪا کاڌا آهن هاڻي اسان کي ڏکيائين مان ٻاهر نڪري ملڪ کي وري ايشين ٽائيگر ڪرڻوآهي

اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته هتي موجود هر شخص وٽ سٺو روزگار هجي ها، هر نوجوان کي روزگار ملڻ گهرجي

اسين ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪنداسين،  نوجوان اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ هٿ ونڊائيندا

منهنجي دور ۾ پاڪستان ۾ خوشحالي هئي، مخالف ڌرڻن ۾ مصروف هئا، اسين عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳل رهياسين

قصور (م ڊ) ن ليگ جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته ٺڳن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو انهن کي ٻيهر اچڻ نه ڏبو، ٻن ڏينهن کان پوءِ خوشحالي جو سج اڀرندو.  نوجوان اسان سان گڏ آهن، ملڪ کي ايشين ٽائيگر ڪنداسين. قصور جي علائقي کڊيان ۾ چونڊ مهم جي آخري ڏينهن جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف وڌيڪ چيو اسان جي حڪومت نه وڃي ها ته هتي موجود هر شخص وٽ سٺو روزگار هجي ها، موجوده دور ۾ هر نوجوان کي روزگار ملڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪيترائي ڌڪا کاڌا آهن هاڻي اسان کي انهن ڏکيائين مان ٻاهر نڪري ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو آهي. ملڪ کي وري ايشين ٽائيگر ڪرڻو آهي، جيڪي چوندا هئا نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ملنديون، لکين گهر ملندا، اهي نوڪريون ۽ گهر ڪيڏانهن ويا؟ فراڊين ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، انهن کي ٻيهر اچڻ نه ڏبو. اسين ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪنداسين ۽ نوجوان اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي ترقي ۾ هٿ ونڊائيندا.  نواز شريف چيو ته جيڪو سج ٻن ڏينهن کان پوءِ اڀرڻ وارو آهي، ان شاءَ الله اهو پاڪستان لاءِ خوشحالي آڻي رهيو آهي، منهنجي دور ۾ پاڪستان ۾ خوشحالي هئي، مخالف ڌرڻن ۾ مصروف هئا ۽ اسين عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳل رهياسين.اسين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ، موٽر وي ٺاهڻ، عوام کي سستي گئس ۽ سستي بجلي ڏيڻ،  دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هئاسين، اسين آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ ۾ مصروف هئاسين

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو