24

ڪراچي جي ويمن ٽينس پليئر اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

 زينب علي نقوي آءِ ٽي ايف ٽورنامينٽ ۾ کيڏڻ لاءِ اسلام آباد وئي هئي

 ٽينس جي ميچ کيڏڻ کان پوءِ زينب علي نقوي وهنجڻ وئي ته ٻاهر نه آئي

 دروازو ٽوڙي سندس لاش ٻاهر ڪڍيو ويو، هوءَ سنڌ سطح تي فاتح رهي

 ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي عورت ٽينس پليئر اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، زينب علي نقوي آءِ ٽي ايف ٽورنامينٽ ۾ کيڏڻ لاءِ اسلام آباد وئي هئي. ٽينس فيڊريشن موجب زينب ميچ کيڏڻ کانپوءِ وهنجڻ لاءِ وئي ته دروازي کي ٽوڙڻ دوران فوت ٿي وئي. زينب علي نقوي ڪراچي علائقي جي ٽاپ رانديگر هئي ۽ هن ڪراچي ۽ سنڌ سطح تي ايونٽس کٽي چڪي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو