ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪي به حالتون ٿينديون هر طرح جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اسان پاران ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ٿيندي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جلسو هر حال ۾ ڪنداسين ۽ جلسو ٿيڻ تائين ملتان ۾ رهنداسين، هتي ديرو ڄمائينداسين، جيڪي به حالتون ٿينديون هر طرح جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اسان پاران ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ٿيندي. هن چيو ته انصار الاسلام اسان جا رضاڪار آهن ۽ تنظيمي حڪمن تي مقرر آهن، جلسي جي انتظامن لاءِ انصار الاسلام جا رضاڪار ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ پي ڊي ايم سربراهه جو چوڻ آهي ته هو اسان کي بندوقن سان ماريندا ته اسان ڏنڊن سان به نه ماريون ڇا، ڇا اسان مئل لاش آهيون جو خاموش ويٺا هونداسين، اسان زندهه آهيون، ڪا رڪاوٽ ڪم نه ايندي، نه موبائل فون ۽ نه انٽرنيٽ جي بندش ڪم ايندي، اسان جلسي گاهه وينداسين، ڏسون ٿا ته ڪٿي ڪٿي رڪاوٽون آهن، اتي ئي انهن کي منهن ڏينداسين.
264