252

قنديل بلوچ جي زندگي تي جوڙيل فلم آمريڪا جي سڀ کان وڏي فلمي ميلي ۾ پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ماڊل ۽ اداڪاره قنديل بلوچ جي زندگي تي جوڙيل فلم آمريڪا جي سڀ کان وڏي فلمي ميلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي ملٽي ميڊيا پروڊڪشن هائوس شرمين عبيد چنائي فلمز جي  طرفان لائيف ٽو شارٽ نالي سان تازو ئي جوڙيل فلم کي آمريڪا جي سڀ کان وڏي دستاويزي فلمي ميلي ۾ پيش ڪئي آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ معتبر ايوارڊ آسڪر حاصل ڪرڻ واري پاڪستاني فلم ساز ۽ سماجي ڪارڪن شرمين عبيد چنائي جي فلم قنديل بلوچ جي زندگي ۽ ان کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ واري اشو تي ٺاهي وئي آهي، شرمين عبيد چنائي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سندس فلم لائيف ٽو شارٽ فلم کي آمريڪا جي سڀ کان وڏي دستاويزي فلمي ميلي  ڊي ۽ سي اين واءِ سي جي 11 هين ايڊيشن ۾ ڊيبو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي شهرت حاصل ڪندڙ 26 ورهين جي قنديل بلوچ کي ان جي ڀاءُ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو