216

فٽ پاٿ تي به سمهڻو پيو، اسڪول موڪلڻ لاءِ امڙ زيور وڪرو ڪيا: انوپم کير

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر ڀارتي اداڪار انوپم کير بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته اداڪار بڻجڻ جي خواهش کڻي رڳو 37 رپيا ساڻ ڪري ممبئي آيس. انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ انوپم کير پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر دوران پيش ايندڙ پريشانين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي کيس هن مقام تائين پهچڻ لاءِ برداشت ڪرڻيون پيون. انوپم کير انڪشاف ڪيو آهي ته سندس امڙ کيس اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ پنهنجا زيور وڪرو ڪيا، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ رڳو 90 رپيا ماهوار ڪمائيندو هو، مان اداڪار بڻجڻ جي خواهش کڻي ممبئي آيس ان وقت مون وٽ رڳو 37 رپيا هئا. انوپم کير پنهنجي امڙ بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هن ڪڏهن به پنهنجي ماءُ کي اهو نه ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن کيس پليٽ فارم تي به سمهڻو پوندو آهي، جڏهن ته ان دوران سندس امڙ پٽ کي ٻڌائڻ کانسواءِ آپريشن ڪرايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو