176

ريلوي ملازمن جو اوور ٽائيم بند، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي جي اعلان جي ٻئي ڏينهن تي ئي ريلوي اسٽاف جو اوور ٽائيم ختم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن پشاور ڪينٽ اسٽيشن جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي جو چوڻ هو ته ريلوي کاتي ۾ اوور ٽائيم لاءِ آفيسرن کي رشوت ڏني وڃي ٿي، ملازم 70 ڪروڙ اوور ٽائيم وٺي رهيا آهن، ريلوي ۾ هاڻي ڪنهن کي به اوور ٽائيم نه ملندو. اهڙي اعلان کانپوءِ ريلوي بڪنگ اسٽاف جو اوور ٽائيم ختم ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي مالي بحران جو شڪار آهي ۽ اوور ٽائيم جي ادائيگي مشڪل آهي ان ڪري بڪنگ اسٽاف جي عملي کان مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم نه ورتو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو