215

مونيڪا ڪيس: گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي وڌيڪ 2 ڄڻا سوگها، ڏوهه جو اعتراف، هي حادثاتي واقعو ناهي، نينگري کي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو: پوليس

پيرڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پير ڳوٺ ڀرسان زيادتي کانپوءِ قتل ڪيل معصوم مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس پاران جاچ جي سلسلي ۾ ڄامشورو جي ليبارٽري ڏانهن اماڻيل 80 ڄڻن جي ڊي اين اي نمونن مان مقتولا نياڻي جي ڳوٺ لونگ لاڙڪ واسي مائٽ نوجوان عبدالله لاڙڪ جا جزا مئچ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هن معصوم مونيڪا سان زيادتي ۽ کيس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جنهن جي نشاندهي تي پوليس احمد پور واسي منصور شر ۽ سليم شر کي به گرفتار ڪيو آهي، جن پڻ نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي سکر ڪامران فضل، ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور حميد سعود مگسي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مونيڪا لاڙڪ کي ٽارگيٽ بڻائي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ کيس قتل ڪيو ويو، هي ڪو حادثاتي واقعو ناهي، ڪيس جي مک جوابدار عبدالله لاڙڪ ڪيس ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن، ڪيس ۾ ڪنهن وڏي شخصيت جي ملوث هجڻ جون شاهديون ناهن مليون. پوليس آفيسرن مطابق جوابدار عبدالله لاڙڪ جي نشاندهي تي گرفتار ڪيل سليم شر ۽ منصور شر کان به جاچ جاري آهي، جڏهن ته مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ قتل، اجتماعي زيادتي، لاش لڪائڻ ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، وارثن سان انصاف ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو