171

شڪيب جي شاندار بيٽنگ، بنگلاديش جي ٻي ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست

هراري(ويب ڊيسڪ) شڪيب  الحسن جي شاندار بيٽنگ سان  بنگلاديش جي ٻي ون ڊي ۾ زمبابوي کي شڪست، هراري ۾ ٿيندڙ ٻي ون ڊي زمبابوي پهرين بيٽنگ ڪندي بنگلاديش کي 241 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، بنگلاديش طرفان شفيع السلام 4 وڪيٽون ورتيون، 241 رنسن جو پيڇو ڪندي بنگلاديش جون 130 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪري پيون، وڪيٽ جي ٻئي پاسي بيٺل شڪيب الحسن ٽيم جو ساهارو بڻجندي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم کي آخري اوو ۾ ڪاميابي ڏياري، هن 96 رنسن جي اننگ کيڏي کيس مين آف دي ميچ  جو ايوارڊ ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو