204

ملير ۾ انتظاميا جي ڪارروائي، گٽر جي پاڻي تي ٿيندڙ ڀاڄيون ڀيلائي چٽ

ملير (ڊ ر) ملير ۾ روينيو عملدارن ۽ انڪروچمينٽ عملي پاران اي سي عبدالستار ھڪڙو، مختيارڪار محمد اشرف ڪنڀر  ديھه شرافي ۾ ڪاروائي ڪندي گٽر جي پاڻي سان تيار ڀاڄين جي فصل کي ڪٽي تباھ ڪيو ويو ، ان موقعي تي آباد گارن احتجاج ڪندي چيو آھي تھ انتظاميا کي منٿون ڪيو تھ سمورو فصل گندي پاڻي تي پوکيل ناھي آھي پر انڪرو چيمنٽ سان آيل ٽيڪٽرن ذريعي بيٺل فصل ڀيلي ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالستار ھڪڙو ٻڌايو تھ ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ملير ۾ گندي پاڻي جي بيٺل فصل ڀاڄين ۽ ميون سميت سمورو فصل  ختم ڪيو ويو آھي. ھن چيو تھ جتي بھ شڪايت ملندي اتي ڪاروائي ڪئي ويندي ڇو تھ گٽر جي پاڻي تي پوکيل فصل انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو