198

پي ايس ايل 6: قلندرز پنهنجي پهرين مئچ ۾ زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٻئين مئچ ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان ٽاس کٽي پشاور کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، پشاور 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 140 رنسون ٺاهيون، قلندرز 141 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 18.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. پشاور پاران اننگ جي شروعات امام الحق ۽ ڪامران اڪمل ڪئي، پر مئچ جي پهرين ئي بال ۾ امام الحق ڪابه رنس ٺاهڻ کانسواءِ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ڪامران اڪمل به 5 رنسون ٺاهي سگهيو. حيدر علي کاتو کولي نه سگهيو، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ شرفين ردرفورڊ 26_26 رنسن جي اننگ کيڏي. پشاور زلمي جي روي بپارا 50 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته عماد بٽ 11 بالن تي 2 ڇڪا ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور قلندرز پاران شاهين شاهه آفريدي3، سلمان مرزا 2 ۽ ڊيوڊ ويسي هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو