187

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مخالف ڌر پهرين ئي هارائي چڪي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جو شينهن آهي. هن گلگت بلتستان ۾ سڀني مخالف ڌر پارٽين کي بي اثر ڪري ڇڏيو. انشا الله آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهو ڪارنامو ورجائڻ وارا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مخالف ڌر پهرين ئي هارائي چڪيو آهي. نواز شريف لنڊن ۾ پاڪستان جي دشمنن سان ”گڏيل دلچسپي جي معاملن“ تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو