103

آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عمران خان جي ويزن کي ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي آهي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير بابت وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عمران خان جي ويزن کي ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي آهي. ايل او سي جي ٻنهي طرف رهندڙ ڪشميرين عمران خان کي پنهنجو سفير ۽ حقيقي اڳواڻ مڃي ورتو آهي. ايل اي 16 مان ڪامياب پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير ۾ مضبوط ٿي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اپوزيشن آزاد ڪشمير ۽ سيالڪوٽ ۾ پنهنجي ناڪاميءَ تي پردو وِجهڻ لاءِ ڌانڌلي جو پٽڻو پٽي رهي آهي. 2023ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ سميت سڄي پاڪستان مان ڪاميابي حاصل ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو