101

بلاول ڀٽو عوام جي حقيقي ترجماني ڪري رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته بلاول ڀٽو هن وقت عوام جو حقيقي ترجماني ڪري رهيو آهي، ايندڙ مڪاني چونڊون شفاف ٿيون ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو ئي ٿيندو. پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي ايس ايف) پاران چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي 33 هين سالگراهه جي موقعي تي ڪائونسل ڪراچي ۾ ’’قوم جي اميد بلاول ڀٽو زرداري‘‘ جي عنوان تي سيمينار منعقد ڪيو ويو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي مهمان خصوصي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ ڪراچي سعيد غني سيمينار سان خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صرف اميد پاڪستان ناهي، قوم جي اميد آهي بلاول ڀٽو هن وقت عوام جو حقيقي ترجماني ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت ايشيا جو عظيم نوجوان ليڊر آهي نوجوان پيپلز پارٽي جو نه بلڪي ملڪ جو سرمايو آهي، اگر بلدياتي چونڊ شفاف ٿي ته ميئر ڪراچي پيپلز پارٽي جو هي ٿيندو، اڄ هي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڳالهه ڪن ٿا هڪ دفعو ٻيهر قوم جو قيمتي ووٽ چورائڻ جون تياريون هليون رهيون آهن، سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ صوبائي وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه، صوبائي وزير بورڊز جماعت سنڌ اسماعيل راهو، وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار وقار مهدي، صحافي نذير لغاري، نجمي عالم، جاويد ناگوري، پي ايس ايف ڪراچي ڊويزن جي صدر احمد مدني ۽ پيپلز يوٿ ڪراچي جي تمام ضلعن جي صدرز و جنرل سيڪريٽريز، جامعات و ڪالجز جي اسٽوڊنٽس، پيپلز پارٽي يوٿ جي سينئر ڪارڪن  وڏي تعداد ۾ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي، وڌيڪ صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سعيد غني تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو صرف اميد پاڪستان ناهي بلڪي اهو قوم جي اميد بلاول ڀٽو آهي هن وقت عوام جو حقيقي ترجمان آهي ۽ اهو هن وقت ايشيا جو عظيم نوجوان ليڊر آهي مخالفن سياسي زندگي زوال پذير ٿي رهي آهي صرف هڪ شخص آهي جنهن جي سياسي زندگي مٿي وڃي رهي آهي اڄ هن ملڪ جا هاري ۽ مزدورن جي آواز بلاول ڀٽو آهي اڄ جي عوام بلاول ڀٽو جي طرف ڏسي رهيا آهن ڇو جو موجوده نااهل، نالائق ۽ سليڪٽيڊ حڪومت ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪري رهيا آهن، اڄ عمران خان جو نالو دنيا ۾ سليڪٽيڊ جي نالي سان مشهور آهي اهيو نالو به بلاول ڀٽو رکيو هيو انشاءَ الله جڏهن بلاول ڀٽو وزير اعظم ٿيندو ته اهو نوجوانن جي طاقت بڻجندو، پيپلز پارٽي لاءِ قرباني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو ڏني هي پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي وڌيڪ صوبائي وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو کي پئسن جي ڪمي ناهي چاهي ها ته هو آرام جي زندگي گذاري ها پر هو عوام جي حقن لاءِ نڪتو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي مضبوط پارٽي هئي، پيپلز پارٽي کي ڪمزور بڻائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي ۽ مان جڏهن هنن نوجوانن جو جذبو ڏسان ٿو ته پيپلز پارٽي جي لاءِ وڏو جذبو آهي تقريب سان خطاب ڪندي وقار مهندي چيو ته اڄ بلاول ڀٽو جي 33 هين سالن جي عمر تي پهتو آهي اڄ ان جي سالگراهه جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄ هر طرف مهنگائي، بک آهي اڄ بلاول ڀٽو زرداري ئي عوام جي حقيقي ترجماني ڪري عوام کي هن مشڪل وقت مان ڪڍي سگهي ٿو وڌيڪ چوڻ هيو ته 2018 جي اليڪشن ۾ دهاندلي ٿئي هئي عوام جو قيمتي ووٽ چرايو ويو هيو پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچي جي پليٽ فارم تي بلاول ڀٽو زرداري جي 33 هين سالگراهه نوجوانن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو