231

حڪمرانن وٽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪو پروگرام ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن سنڌ کي موت گھر بنائي ڇڏيو آھي، تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، زراعت ۽ ٻيا قدرتي وسيلا مال غنيمت ڪري لٽيا پيا وڃن، نوڪريون ميريٽ تي ڏيڻ بدران نيلام ڪيون وڃن ٿيون، سفارش جي ڪلچر ميريٽ کي تباھ ڪيو آھي، جيڪي صنعتي ادارا موجود آھن انھن ۾ مالھي۽ پيش امام به ٻاھر جو رکيو وڃي ٿو، زراعت کي ھٿي وٺي تباھ ڪرڻ سبب غربت وڌي آھي، ھاري ۽ آبادگار کان وٺي مزدور تائين لکين عوام بدحالي جو شڪار ٿيو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ماڻھو آپگھات ڪري رھيا آھن، عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت وٽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪو پروگرام ئي ناھي، حڪمران سنڌ کي لٽڻ ۽ تباھ ڪرڻ بند ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو