268

خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين جي شرٽ ۽ جينز پائڻ تي پابندي لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ٻن يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين لاءِ سوڙهي جينز، شرٽ، ميڪ اپ ۽ ٻين شين تي پابندي لاڳو ڪرڻ سان گڏ نئون ڊريس پاليسي ڪوڊ جاري ڪيو ويو آهي. صوبائي گورنر شاهه فرمان جي هدايت تي عمل ڪندي خيبرپختونخواهه جي ٻن يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين لاءِ سوڙهي جينز، شرٽ، ميڪ اپ ۽ ٻين شين تي پابندي لاڳو ڪرڻ سان گڏ نئون ڊريس پاليسي ڪوڊ جاري ڪيو ويو، جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هزاره يونيورسٽي پهرين نمبر تي آهي، جنهن 6 جنوري تي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. نوٽيفڪيشن مطابق يونيورسٽيءَ جي سمورن شاگردن، استادن ۽ عملي کي نئين ڊريس ڪوڊ پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو، هن پاليسي مطابق شاگردياڻين کي ڪئمپس ۾ ٽي شرٽ، سوڙهي جينز، گهڻو ميڪ اپ ۽ زيور پائڻ کان روڪيو ويو آهي، اهي فينسي بيگ يا پرس به کڻي نه اينديون. هوڏانهن شاگردن تي يونيورسٽي ۾ سخت جينز، فيشن واري جينز، وڏا وار، وارن ۾ پوني لڳائڻ ۽ فيشن واري ڏاڙهي رکڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي به اهڙي طرح جي سفارشن کي پنهنجي سينيڊيڪيٽ واري اجلاس ۾ منظور ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو