292

ملتان، لوڌران ۽ حيدرآباد انساني اسمگلنگ جا ڳڙهه آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته رپورٽن مطابق ملتان، حيدرآباد ۽ لوڌران انساني اسمگلنگ جا ڳڙهه آهن. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڊي جي خان مان گم ٿيل عورت عاصمه مجيد جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت گم ٿيل عورت جي ڳولا لاءِ چئني صوبن کي سهڪار جو حڪم ڏنو. ايڊيشنل آءِ جي ڏکڻ پنجاب ظفر اقبال عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کان عورت جي بازيابي لاءِ ٻن مهينن جي مهلت گهري.  جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته انساني حقن جا ڪيس عدالت لاءِ اهميت جوڳا آهن، گمشدگي ٻارڙن جي هجي يا عورتن جي، عدالت فرق نه ٿي سمجهي، رپورٽن مطابق ملتان، حيدرآباد ۽ لوڌران انساني اسمگلنگ جا ڳڙهه آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو